Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Aaj jo Khas Khas Khabron
Tracker
Web Counter
Vistor #
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف نيب آڏو پيش نه ٿيو، وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو
 لاهور (بيورو): نيب لاهور اڳوڻي وزيراعظم نواز  شريف خلاف هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خلاف پنهنجي رهائشگاهه  ٻاهران روڊ جي تعمير ۾ مداخلت جو الزام هو جنهن جي تعميراتي لاڳت  اضافو ٿيو هو. نيب پاران روڊ کي غيرقانوني طور تي ويڪرو ڪرڻ  جي حوالي سان جوا ب  طلب ڪرڻ لاءِ  نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪيا هئا  پر هو پيش نه ٿيو،  جنهن کان پوءِ نيب نواز شريف خلافهڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  نيب موجب  نواز شريف 1998ع ۾ وزيراعظم جي حيثيت ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي  جاتي امرا تائين  روڊ جي تعمير  ڪرائي ۽ ان جي حڪم تي  روڊ جي ويڪر  20 فوٽ مان وڌائي 24 ڪئي وئي جنهن  جي لاڳت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. نيب موجب  17 اپريل 2000ع جي جاچ  موجب منصوبي  تي 12 ڪروڙ  56 لک  رپين کان وڌيڪ ڪرپشن سامهون آئي  جڏهن ته 2016 تائين  اهي جاچ  رولڙي جو شڪار رهي  ۽ 2016 کان پوءِ نيب چيئرمين سڌو سنئون  ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏنو هو.  نيب جو چوڻ آهي ته  روڊ جي تعمير  ضلعي ڪائونسل جي ڪيل منصوبا بندي مان ڪرائي وئي ۽ هڪ  ڊسپينسري ۽ هڪ اسڪول جي بجيٽ  پڻ ان روڊ جي تعمير ۾ لڳائي وئي. ان ڪيس ۾  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل ايل ڊي اي جي آفيسرن ۽  ٺيڪيدارن کي به طلب ڪيو ويو آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ   تي  احتساب عدالت ۾ ريفرنس  داخل ڪيو ويو
“ خودمختيار نيب، پوليس غير سياسي ۽ ڦُريل ناڻو واپس آندو ويندو” تحريڪ انصاف حڪومت جي 100 ڏينهن جو پلان پيش ڪري ڇڏيو
 اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مديني جي رياست اسان سامهون آئيڊيل آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انسانن ۽ جانورن جي معاشرن ۾ فرق هوندو آهي. هن چيو ته اربين رپيه چوري ڪري چيو پيو وڃي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي؟ سندس چوڻ هو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي جو مطلب آهي ته معاشرو ڪيتري پستي ۾هليو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي ۽ قرض ادا ڪرڻ جي صلاحيت به ختم ڪري ڇڏي آهي. عمران خان چيو ته ملڪ تي ايترو قرض ٿي ويو آهي ڪو حڪمران ٻڌائي ته هاڻي ڪيئن ادا ٿيندو؟ هن چيو ته يورپ جي معاشري ۾ ڪتو به بک نه ٿو مري تنهن ڪري اتي وڏي برڪت آهي. سندس چوڻ هو ته 25 لک ٻارڙا مدرسن ۾ آهي، کين ڊاڪٽر يا انجنيئر بڻائڻ بابت ڪنهن به نه سوچو آهي. عمران خان چيو ته 100 ڏينهن جي پلان جو مقصد، تعليم، صحت ۽ روزگار جي سهولت بنا فرق ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٻن حڪومتن سڀ کان وڌيڪ قرض چاڙهيو آهي، پاڪستان ننڍي طبقي لاءِ محدود ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ قرض جي بار ۾ دٻجي ويو آهي. عمران خان چيو ته اسان عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪئي آهي. هن چيو ته انساني معاشري ۾ طاقتور لاءِ الڳ قانون نه هوندو آهي. هن چيو ته اسان جي 100 ڏينهن واري پلان ۾ نيب خودمختيار، ڦريل دولت جي واپسي، عدالتي سڌارا، ٽيڪس سڌارا، پوليس غير سياسي ۽ زراعت ۾ ايمرجنسي ۽ ٻيا اشو شامل آهن.
<<تفصيل
اهم خبرون
انتهاپسندي وارا رجحان ڪنهن هڪ خطي نه پر عالمي مسئلو آهي: وزيراعظم
ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي گهر پهچي ويو وزيراعظم سان گڏ گورنر سنڌ محمد زبير پڻ موجود هو وزيراعظم مقتول سبيڪا جي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته انتهاپسندي وارا رجحان سڄي دنيا جو مسئلو آهي، هن چيو ته پوري قوم سبيڪا جي موت تي سوڳوار آهي اللهتعاليٰ پونيئرن کي صبر عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته انتهاپسندي وارا رجحان  ڪنهن هڪ خطي نه پر عالمي مسئلو آهي اهرن رجحانن کي روڪڻ جي شديد ضرورت آهي عالمي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.5
<<تفصيل
<<تفصيل
آئي پي ايل-11:  چنائي  سپر ڪنگز سخت مقابلي بعد ڪنگز اليون پنجاب کي 5  وڪيٽن تان شڪست  ڏئي ليگ کان ٻاهر ڌڪي ڇڏيو
 پوني  (اسپورٽس نيوز)  آئي پي ايل -11 جي 56 هين  ۽ آخري ميچ  ۾ پوني ۾ کيڏيل  ميچ  ۾ چنائي سپر ڪنگز  جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪنگز اليون پنجاب انتهائي ناقص بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي  مقرر اوورن کان 2 بال پهرين فقط 153 رنسن تي ئي ڍير ٿي ويئي. ڪرن نيئر جارحاڻي بيٽنگ  ڪندي 5 ڇڪن  ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 26 بالن ۾ 54 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.  منوج تواري 35 ڊيوڊ ملر  24  ۽ اڪسر پٽيل 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.  سپر اسٽار بيٽس مين ڪرس گيل بنا ڪنهن رنس جي لوڪيشن راهول    ۽  آرون فنچ 4 رنسون ٺاهي پويلين  موٽيا، لنگي نگڊي 4  ۽ ٺاڪر  ۽ ڊوائين براوو 2-2 رانديگرن کي  پويلين جي راھ ڏيکاري، ديپڪ  جهر  ۽ جديجا 1-1  شڪار ڪيو. جواب ۾ سپر ڪنگز گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 5 بال پهرين حاصل ڪري ورتو. سريش رائنا 48 بالن ۾ 61 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي  ناقابل شڪست رهيو. ديپڪ جهر 39 ، ڌوني 16، هريجن درٿڪ 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.  راجپوت ۽ ايشون 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو، موهت شرما 1 شڪار ڪيو.  لنگي نگڊي  فقط 4 اوورن ۾ 10 رنسن جي عيوض 4 شڪار  ڪيا، کيس ميچ و بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو،  سريش راعا 61 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. 
راندين جون خبرون
<<تفصيل
<<تفصيل
شوبز جون خبرون
ادڪارا ميرا جي آمريڪا شفٽ ٿيڻ واري ڳالهه ڪوڙ نڪتي
 لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا جو نئون ڪوڙ پڪڙجي پيو اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا کي ٻڌايو هو ته هو آمريڪا منتقل ٿي وئي آهي جنهن بعد ميرا سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙو تاثر ڏنو هو ته هو آمريڪا پهچي چڪي آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ميرا هن وقت تائين آمريڪا منتقل ئي ناهي ٿي نه سندس اهڙو ڪو ارادو آهي جڏهن ته هو هن وقت به پاڪستان ۾ رهائش هيٺ آهي.ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستاني اداڪارا ميرا ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي جو دورو ڪري پاڪستان واپس آئي هئي ۽ هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد هو لاهور ۾ ئي ترسيل آهي، ياد رهي ته ميرا هڪ هفتو اڳ لاهور ۾ ڊائريڪٽر ثاقب ملڪ جي فلم ”باجي“ جي عڪسبندي پڻ ڪرائي هئي جنهن هو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، شوبز  ذميوار حلقن جو چوڻ آهي ته ميرا کي خبرن ۾ رهڻ لاءِ ڪو نه جو نئون طريقو اختيار ڪندي رهندي آهي، هاڻ هن آمريڪا شفٽ ٿيڻ جو شوشو ڇڏيو آهي.
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
Aaj jo Khas Khas Khabron
“ خودمختيار نيب، پوليس غير سياسي ۽ ڦُريل ناڻو واپس آندو ويندو” تحريڪ انصاف حڪومت جي 100 ڏينهن جو پلان پيش ڪري ڇڏيو
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف نيب آڏو پيش نه ٿيو، وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو
انتهاپسندي وارا رجحان ڪنهن هڪ خطي نه پر عالمي مسئلو آهي: وزيراعظم
آئي پي ايل-11:  چنائي  سپر ڪنگز سخت مقابلي بعد ڪنگز اليون پنجاب کي 5  وڪيٽن تان شڪست  ڏئي ليگ کان ٻاهر ڌڪي ڇڏيو
ادڪارا ميرا جي آمريڪا شفٽ ٿيڻ واري ڳالهه ڪوڙ نڪتي
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com