Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
عدليه تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، ڪنهن به پلان جو حصو نه بڻجنداسين،ڪرپشن جي لعنت کي ختم ڪرڻو آهي: چيف جسٽس
لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عدليه تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين. لاهور ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي، جڏهن ته ڪو اهڙو پيدا ئي نه ٿيو آهي جيڪو اسان کي دٻاءَ ۾ آڻي. هن چيو ته اسان جي نظام ۾ دير سڀ کان وڏي خرابي آهي،  اهي سائل جيڪي حق تي آهن جنهن کي هر پيشيءَ تي وڃڻو آهي اهو ڏينهن سندس فيملي لاءِ موت جو ڏينهن آهي، اهو ڪڏهن جج، ڪڏهن وري وڪيل جي مصروفيت سبب موٽي ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته چيمبر وڃي ججن کي گاريون ڏيڻ ڪٿان جو شيوو آهي، هڪ جج لاءِ  ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، اسان ماڻهن کي سندن معيار موجب انصاف نه ڏئي سگهيا آهيون، ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته جوڊيشري جو ادارو توهان جو بزرگ آهي، جڏهن بزرگ فيصلا ڪندو آهي ته ڪو بزرگ کي گاريون نه ڏيندو آهي، بزرگ جي انٽيگريٽي تي شڪ نه ڪيو وڃي، توهان جي خلاف فيصلو اچي وڃي ته اهو نه چئي ته بابو ڪنهن پلان جو حصو بڻجي ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان ڪنهن پلان جو حصو نه ٿينداسين، سموري ايمانداري، جذبي، ديانت فيصلا فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن خلاف فيصلو ٿي ته سبب ٺيڪ نه ٿي سگهي ٿو پر پلان ۽ دٻاءُ ڪٿان آيا، ڪنهن اسان کي چيو ته اهڙي نموني فيصلا ڪيو، اڄ تائين ڪو اهڙو پيدا نه ٿيو آهي جيڪو اسان کي دٻاءُ ۾ آڻي. هن چيو ته قسم کڻي چوان ٿو ته اداري تي ڪو به دٻاءُ ناهي، فيصلا ضمير موجب ڪندا آهيون، چيف جسٽس ٿيڻ کان وڌيڪ عزت نه ٿي ملي سگهي، جيڪڏهن ديانتداري آزادي سان ڪم ڪيون ته ڪم ۽ عزت ملندي، ڇا اسان ايڏو وڏو انعام ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين. سندس چوڻ هو ته 18 هين ترميم جي فيصلي ۾ پارليامينٽ جي حاڪميت قبول ڪئي آهي، ان کي پڙهيو وڃي، رياست جا سمورا اسٽرڪچر جمهوريت سان گڏ آهن، جيڪڏهن جمهوريت ناهي ته آئين ناهي، الله نه ڪري ته آئين ناهي ته ملڪ کي ڇيهو رسي. چيف جسٽس چيو ته اسان ۽ اسان جي ساٿين قسم کنيو آهي ته آئين جو تحفظ ڪنداسين، پنهنجي ٻارڙن کي شرمساري سان ڇڏي نه ويندس. هن چيو ته حلفيا چوان ٿو ته مون کي خبر نه هئي ته حديبيا پيپرز ملز ڪيس جو فيصلو ان ڏينهن اچڻو آهي، مان چيو آهي ته ڪو به فيصلو هڪ مهيني کان وڌيڪ محفوظ نه هئڻ گهرجي، توهان کي خوش ٿيڻ ۽ پنهنجي عدليه تي ناز هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن جو وس هلي ها ته حديبيا پيپرز ڪيس جو فيصلو ايئن نه اچي ها جنهن نموني آيو آهي، هر جج فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ٽي وي تي تبصرا ٿيندا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ڪو  به ورهاڱو ناهي، جج پنهنجي علم موجب ڪم ڪري رهيا آهن، هر جج پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ آزاد آهي. هن چيو ته قانون ۾ جيڪڏهن ڪٿي غلطي آهي ته نشاندهي ڪرڻ جج جي ذميواري آهي، قانون موجب فيصلو ڪرڻ هر جج جي ذميواري ۾ شامل آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته نظام تبديل نه ٿيڻ سبب عوام کي انصاف نه پيو ملي،  اسان پنهنجي قانون کي جديد نقاضن موجب بهتر ناهي ڪيو، اسان جو نظام پراڻو ٿي چڪو آهي، سڌارن جي ضرورت آهي، سڌارن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ناهي. هن چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي آزاد ڪيو، مان پنهنجو پاور سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، لا اينڊ جسٽس ڪميشن انهن ماڻهن کي ڏني وڃي، جيڪو ان کي پورو وقت ڏئي سگهن، اسان قانون جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ مان ڦاسي پيس، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي ته چيف جسٽش سڌارن لاءِ هٿ کولي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اهو ڪم ڪيو، جيڪو مون کي پهرين ڏينهن ڪرڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ جي ذميواري آهي ته اها قانون ٺاهي. عدالتون پارليامينٽ ناهن. پارليامينٽ پنهنجي ذميواري پوري نه پئي ڪري. جيڪڏهن پارليامينٽ پنهنجي ذميواري پوري نٿي ڪري ته هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا سڌارا آڻي. جنهن ٻار جو پيءُ مري ويو ان کي انصاف ڪير ڏيندو. هتي سيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ 7 مهينا لڳي وڃن ٿا. 
Aaj jo Khas Khas Khabron
عدليه تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، ڪنهن به پلان جو حصو نه بڻجنداسين،ڪرپشن جي لعنت کي ختم ڪرڻو آهي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ لاءِ بهتر فيصلا ڏنا پر پ پ کي الڳ نظر سان ڏٺو ويو: وڏو وزير
سپريم ڪورٽ عمران خان طرفان منهنجي خلاف ڪيس وڙهيو، فيصلي اسان جي ڳالهه کي سچ ثابت ڪيو: نواز شريف
ايشز سيريز: آسٽريليا جي انگلينڊ خلاف پوزيشن مستحڪم، 4 وڪيٽن جي نقصان 549 رنسون ٺاهي 146 رنسن جي ليڊ حاصل ڪري ورتي
اداڪارا مليڪا شراوت ڪروڙين رپين جي قرضي بڻجي وئي
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com