Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف، ڊيلي ميل تفصيل شايع ڪري ڇڏيا
لنڊن (م ڊ) هڪ برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف خاندان جي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جنهن جو ڪيس هلي رهيو آهي اهو ته ڪجهه به ناهي پر هنن برطانيا ۾ ايتري ملڪيت ٺاهي آهي جنهن جو عام ماڻهو لاءِ تصور به ممڪن ناهي. ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کانسواءِ پراپرٽي جو پتو لڳائڻ نهايت مشڪل آهي ڇو ته سموريون ملڪيتون هڪ ٻئي پويان قائم ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس ذريعي خريدڪيون ويون آهن ۽ هڪ ڄار وانگر آهن جنهن ۾ ڪو به ڦاسي سگهي ٿو. هڪ محتاط اندازي موجب شريف خاندان جي لنڊن ۾ پراپرٽي جي ويليو 500 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ آهي.  برطانوي اخبار ڊيلي ميل  موجب  شريف خاندان ۾ لنڊن ۾ مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ 1993ع ۾ 4 فليٽس خريد ڪيا جنهن کي ملائي لگزري مينشن ٺاهي وئي آهي جنهن جي قيمت هن وقت  7 ملين پائونڊ هڪ ارب رپين کان به وڌيڪ آهي. اهڙي پراپرٽي جي خريداري جي سلسلي ۾ نواز شريف خاندان خلاف نيب جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪڏهن مني لانڊرنگ سميت ٻيا الزام ثابت ٿي ويا ته کيس 14 سال قيد جي سزا کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. نواز شريف جي خاندان تي الزام آهي ته هن ٻه نمبري جي پئسي سان ايون فيلڊ فليٽس کان مٿي به برطانيا ۾ 21 ملڪيتون خريد ڪيون آهن، جنهن ۾ گهڻي قدر وچ لنڊن جي علائقن مي فيئر، چيلسي ۽ بلغرايا ۾ موجود آهن. نواز شريف جي خاندان جي لنڊن ۾ ملڪيتن جي مجموعي ماليت 32 ملين پائونڊ 5 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. نواز شريف خاندان لنڊن ۾ خريد ڪيل ملڪيتن مان گهڻو پئسو ڪمايو آهي، مثال طور نهايت مهانگي جاءِ ون هائيڊ پارڪ ۾ نواز شريف جي پٽ حسن نواز جي هڪ پراپرٽي 43 ملين پائونڊ تقريب 7 ارب رپين ۾ وڪرو ٿي آهي. شريف خاندان جي لنڊن ۾ موجود ريئل اسٽيٽ کي به ڳولڻ سولو ڪم ناهي، ڇو ته سموريون ملڪيتون ڪيترين ئي ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس ذريعي خريد ڪيون ويون آهن. پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته شريف خاندان گذريل ڪيترن ئي سالن کان برطانيا، سوئٽزرلينڊ، وچ اوڀر ۽ برٽس ورجن آئي لينڊ ۾ پئسا سيڙايا آهن. ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ارب ڊالر جي ملڪيتن بابت شڪ آهي ته اهي مني لانڊرنگ ذريعي خريد ڪيون ويون آهن پر جڏهن شريف خاندان جي ڳالهه اچي ٿي ته برطانوي اختياريون نهايت سست رويو اختيار ڪري وٺنديون آهن. اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف جي خاندان لنڊن جي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کانسواءِ 8 لک پائونڊ جي پراپرٽي سينٽ جارج وارف لنڊن ۾ خريد ڪئي آهي. لنڊن جي ڪيڊوگن اسڪوائر ۾ 2 ڏهائي 4 ملين پائونڊ 39 ڪروڙ رپين جي پراپرٽي به نواز شريف جي خاندان جي ملڪيت آهي.  شريف خاندان جي لنڊن يج علائقي ڊيوڪ اسٽريٽ قائم مينشن جي قيمت ٻه ڏهائي هڪ ملين پائونڊ تقريبن 34 ڪروڙ رپيه آهي. لنڊن ۾ ايٽن پليس ۾ قائم شريف خاندان جي پراپرٽي جي ماليت 7 ملين پائونڊ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي.  نواز شريف جي خاندان ايٽن پليس کانسواءِ ايٽن اسڪوائر ۾ به هڪ پراپرٽي خريد ڪئي آهي جنهن جي ماليت 49 ڪروڙ رپيه آهي. برطانيا طرفان نواز شريف ۽ سندس گهر وارن خلاف جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ عدم سهڪار جو انڪشاف ٿيو آهي.  برطانوي اخبار ڊيلي ميل شريف خاندان جي لنڊن فليٽس سميت برطانيا ۾ ٻي ملڪيتن ۽ پاناما ليڪس بابت عدالتي ڪارروائي جا تفصيل شايع ڪيا آهن. ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب برطانوي حڪومت ڪاري ناڻي جي آمد ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ مضبوط اپاءَ نه وٺي رهي آهي ۽ ٻين ملڪن جي جاچ ۾ مڪمل سهڪار جي دعويٰ ڪندي آهي پر حقيقت جي ابتڙ نظر ايندا آهن.  برطانوي حڪومت شريف خاندان خلاف پاناما ليڪس جي جاچ دوران سهڪار تي پري جي ڳالهه پر ڄاڻ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. شريف خاندان خلاف جاچ ڪندڙ اداري جي هڪ آفيسر ڊيلي ميل کي ٻڌايو ته برطانيا ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪندي جاچ ۾ رنڊڪ وڌي، بئنڪ ذريعي برطانيا مان پاڪستان رقم جي منتقلي ٿي، اسان شريف خاندان جي برطانوي اڪائونٽس جي رڪارڊ تائين پهچ گهري پر اسان کي انڪار ڪيو ويو. ڪيس تي ڪم ڪندڙ  ٻي آفيسر ٻڌايو ته اسان اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان مدد گهري ۽ هنن مدد گهري پر جڏهن ڄاڻ جي مٽاسٽا جو وقت آيو ته منع ڪئي وئي، ايستائين جڏهن جي آءِ ٽي ميمبرن لنڊن ۽ برٽس ورجن آئي لينڊز وڃي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته برطانوي سفارتخاني کين ويزا ڏيڻ ۾ گهڻي دير ڪئي ۽ ڪيترائي هفتا لڳائي ڇڏيا. پاڪستاني آفيسر ٻڌايو ته امڪاني طور ان جو سياسي سبب ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف برطانوي گهرو کاتي جي ترجمان چيو ته اسان غير قانوني سيڙپ خلاف ڪارروائي لاءِ ٻين ملڪن سان مڪمل سهڪار ڪندا آهيون، اسان گڏيل قانوني معاونت جي درخواستن جي موجودگي جي نه تصديق ۽ نه وري ترديد ڪيون ٿا.5
Aaj jo Khas Khas Khabron
سپريم ڪورٽ ۾گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جون دانهون، عورتن جا جذباتي منظر، ڊائس تي ٺونشن جا ڌڪ، پوليس آفيسر کي چماٽ
شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف، ڊيلي ميل تفصيل شايع ڪري ڇڏيا
محمد بخش مهر پ پ ڇڏي ته آئون هٿ کڻي ويندس، ٻي صورت ۾ شڪست لاءِ تيار رهي: علي گوهر مهر
جوس بٽلر جي شاندار سينچري، انگلينڊ آخري ون ڊي ۾ دلچسپ مقابلي بعد آسٽريليا کي هڪ وڪيٽن تان شڪست ڏئي 0-5 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو
نالو تبديل ڪرڻ تي آنند سان ڪافي بحث ٿيو: سونم  ڪپور آهوجا
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com