Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
ڌرڻي ۾ موجود ڪجهه شر پسند لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا: احسن اقبال
اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته تصديق ٿيل اطلاع آهن ته ڌرڻي ۾ ڪجهه شرپسند موجود آهن، جيڪي لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا، اسان چاهيون ته ٽن ڪلاڪن ۾ آپريشن ذريعي هنڌ خالي ڪرائي سگهون ٿا. اسلام آباد ۾صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ختم نبوت جي حوالي سان ڪو تڪرار ناهي، اهو قانون ڳجهي طريقي سان نه ٺهيو، ڪميٽي ۾ مذهبي جماعتن جا نمائندا به موجود هئا، ڪنهن سينيٽ کان اڳ اعتراض به نه واريو، اسان شڪ جي بنياد تي به ترميم جي اجازت ڏني، هاڻ ختم نبوت جو قانون وڌيڪ مضبوط ۽ سنگين ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن لکين شهرين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، حڪومت کي شهرين جي پريشانيءَ جو مڪمل احساس آهي، فيض آباد کي سيڪيورٽي فورسز ذريعي خالي ڪرائي سگهون ٿا پر پڪا اطلاع آهن ته ڪجهه شرپسند موجود آهي، جيڪي لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته ڌرڻي وارن کي سياست چمڪائڻ نه ڏينداسين، انهن جي مقصدن کان واقف آهيون، اڳواڻ ختم نبوت تي سياست ڪري رهيا آهن، ان سان ملڪ جي اميج کي نقصان پهچي رهيو آهي، اهي ڌرڻي سان ختم نبوت جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن، رياست انهن اڳيان سرينڊر نه ڪندي. احسن اقبال چيو ته اسان ڳالهين جو رستو به اختيار ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اهم اعلان ممڪن آهن، ڌرڻو هڻندڙ جائز مطالبن ۽ شڪايتن تي اسان سان ڳالهائين، جنهن قانون جي اهي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهو قانون واري وزارت تيار ناهي ڪيو، ڪنهن جي ضد ۽ انا لاءِ قانون وارو وزير استعيفيٰ نٿو ڏئي سگهي.
Aaj jo Khas Khas Khabron
اسلام ۾ ائين ڪٿي لکيل آهي ته رستا بند ڪيا وڃن، ڌرڻي وارن کي پئسو ۽ کاڌو ڪٿان ملي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ
نوازشريف کي رڳو پنهنجي ذات لاءِ ميثاق جمهوريت ياد اچي ٿو، ساڻن ملاقات جو ڪوبه امڪان ناهي: آصف زرداري
ڌرڻي ۾ موجود ڪجهه شر پسند لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا: احسن اقبال
ايشز ٽيسٽ سيريز: انگلينڊ پهرين ڏينهن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 196 اسڪور ڪري ورتو
بالي ووڊ ۾ سٺي ڪم جي آڇ ٿي ته ضرور ڪنديس: سعديا خان
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com