Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
اداڪارا مليڪا شراوت ڪروڙين رپين جي قرضي بڻجي وئي
لنڊن (شوبز نيوز) ناليواري باليووڊ اداڪارا مليڪا شراوت ۽ سندس مڙس پيرس ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ رقم جا قرضي نڪتا، جنهن سبب اداڪارا مليڪا کي سندس مڙس سان گڏ سندن فليٽ مان نيڪالي ڏيڻ جو خدشو آهي. برطانوي ميڊيا مطابق مليڪا شراوت ۽ هن جو مڙس پيرس ۾ جنهن فليٽ ۾ رهائش پذير آهن، جنهن جو ڪرايو هنن تي 80 هزار يورو يعني 94551 آمريڪي ڊالرز آهي جيڪو هنن پاران ادا نه ڪيو ويو آهي. اداڪارا مليڪا ۽ سندس مڙس پيرس جي سڀ کان ماهانگي علائقي ۾ 350 اسڪوائر ميٽر جي فليٽ ۾ رهندا آهن. اداڪارا جي وڪيل چيو آهي ته ميلڪا فليٽ جو ڪرايو ادا ڪرڻ نٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال اداڪارا کي بلڊنگ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ڪري اداڪارا ڪرايو ادا نه ڪري سندس ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿي. واضح رهي ته گذريل سال نومبر مهيني ۾ مليڪا شراوت کي پيرس ۾ رهائش پذير بلڊنگ جي لابي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندن فليٽ جي مالڪ کان تڪرار هلي رهيو آهي. ٻئي پاسي فليٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويا هئا، تنهن باوجود به ڀارتي اداڪارا ۽ سندس مڙس فليٽ جو ڪرايو ادا نه ڪري رهيا آهن.

رشي ڪپور هڪ ڀيروٻيهر صحافين تي  ڏمرجي پيو
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ۽ سوشل ميڊيا تي تڪرار ٽوئيٽ سان مشهور رشي ڪپور هڪ ڀيرو ٻيهر صحافين تي ڏمرجي پيو، کين مفت جو شراب پيئندڙ ماڻهن جو طعنو ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق راجڪپور جي 93 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ راج ڪپور جي سوانح حيات تي مبني ڪتاب جي رونمائي ڪئي وئي، جنهن ۾ رشي ڪپور کي بطور خاص مهمان مدعو ڪيو ويو پر والد جي تقريب ۾ به رشي ڪپور کي صحافين جو موجودگي نه وڻي ۽ صحافين کي تقريب ڇڏي وڃڻ جو چئي ڇڏيو. اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن تقريب ۾ رشي ڪپور صحافين کان سوال ڪيو ته اوهان ڪير آهيو، جنهن تي صحافين ميڊيا جو ڪارڊ ڏيکاري کيس تعارف ڪرايو، پر رشي ڪپور کي صحافين جو موجودگي وري به پسند نه آئي ۽ هو ويندي ويندي به طنزيه انداز ۾ صحافين کي مفت جو شراب پيئندڙ چئي اتان هليو ويو
 
سني ليون انٽرنيٽ تي ڏٺي ويندڙ وڏي شخصيت بڻجي وئي
بنگلور(شوبز نيوز) ته اداڪاره سني ليوني انٽرنيٽ تي سڀني کان وڌيڪ تلاش ڪئي ويندڙ شخصيت آهي ۽ جتي ويندي آهي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوندو آهي پر ماڻهو سني ليوني لاءِ اجتماعي خودڪشي ڪندا اها نئين خبر آهي. دراصل بنگلور ۾ سني ليوني نئين سال جي موقعي تي ني نائيٽ جي نالي سان هڪ شو ۾ پرفارم ڪرڻ واري آهي پر رڪشنا ويدڪ يواسينا نالي هڪ گروپ سني جي ان پروگرام جي سخت خلاف آهي. سندس چوڻ آهي ته ان پروگرام ۾ سني جو رقص سندن ڪلچر تي هڪ حملو آهي ۽ ان پروگرام کي منسوخ ڪيو وڃي. ان دوران سني ليوني خلاف احتجاج ٿيو، جنهن ۾ سندس پتلا ۽ تصويرون به ساڙيون ويون، اهڙي طرح جون تنظيمون سني جي ماضي سبب اهڙي طرح مخالفت ڪنديون آهن، جيڪي هڪ پورن اسٽار هوندي هئي. جيتوڻيڪ ڪڏهن سني جي ڪنهن اشتهار ته ڪڏهن سندس اسٽيج شو خلاف وقت بوقت احتجاج ٿيندا رهيا آهن پر پوءِ به سوا سئو ڪروڙ ماڻهن جي هن ملڪ ۾ جتي ٻارن جون شاديون اڄ به اڪثر والدين ئي طئي ڪندا آهن، جتي کلي عام محبت جو اظهار ممنوع تصور ڪيو ويندو آهي ۽ جتي ڇوڪرين جي اڪيلي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي والدين جي دل اڄ به خوفزده رهندي آهي، سني ليوني وڏي مقبول آهي.
 
فلم ڪبڊي  ۾ ريتڪ روشن بدران شاهد ڪپور مک ڪردار ادا ڪندو
ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور اداڪار شاهد ڪپور فلم ”ڪبڊي“ مان ريتڪ روشن جي موڪل ڪرائي ڇڏي، فلم ۾ شاهد ڪپور مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”پدماوتي“ ۾ جاندار اداڪاري ڪندڙ اداڪار شاهد ڪپور تي قسمت مهربان ٿي وئي ۽ مسلسل فلمن جون آڇون ٿي رهيون آهن جڏهن ته اداڪار فلم ”ڪبڊي“ مان ريتڪ روشن جي موڪل ڪرائي ڇڏي آهي، اهو ئي نه پر اداڪار شاهد ڪپور ريتڪ روشن کان ايشيا جو پرڪشش مرد هجڻ جو اعزاز به کسي ورتو. ڀارتي ميڊيا مطابق هدايتڪار راڪيش اوم پرڪاش مهرا پنهنجي نئين فلم ‘‘ڪبڊي’’ لاءِ پرڪشش اداڪار ريتيڪ روشن کي فائنل ڪيو هو، پر ريتيڪ ٻين پروجيڪٽن ۾ مصروف هجن سبب وقت نه ٿو ڪڍي سگهي، جنهن سبب هدايتڪار پاران ريتيڪ جي جاءِ تي فلم ۾ شاهد ڪپور کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ شاهد ڪپور راڪيش اوم پرڪاش سان هن جي آفيس ۾ ملاقات به ڪئي آهي. ٻئي پاسي شاهد ڪپور 50 خوبصورت مردن جي مقابلي م ريتيڪ روشن کي پوئيتي ڇڏيندي پهرئين پوزيشن پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، شاهد ڪپور پهريون ڀيرو اهو اعزاز حاصل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اداڪار شاهد ڪپور ٽوئيٽر تي مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.

Aaj jo Khas Khas Khabron
عدليه تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، ڪنهن به پلان جو حصو نه بڻجنداسين،ڪرپشن جي لعنت کي ختم ڪرڻو آهي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ لاءِ بهتر فيصلا ڏنا پر پ پ کي الڳ نظر سان ڏٺو ويو: وڏو وزير
سپريم ڪورٽ عمران خان طرفان منهنجي خلاف ڪيس وڙهيو، فيصلي اسان جي ڳالهه کي سچ ثابت ڪيو: نواز شريف
ايشز سيريز: آسٽريليا جي انگلينڊ خلاف پوزيشن مستحڪم، 4 وڪيٽن جي نقصان 549 رنسون ٺاهي 146 رنسن جي ليڊ حاصل ڪري ورتي
اداڪارا مليڪا شراوت ڪروڙين رپين جي قرضي بڻجي وئي
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com