Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
جوس بٽلر جي شاندار سينچري، انگلينڊ آخري ون ڊي ۾ دلچسپ مقابلي بعد آسٽريليا کي هڪ وڪيٽن تان شڪست ڏئي 0-5 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو
مانچسٽر(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا انگلينڊ کي آخري مئچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي پنجن مئچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏي. آسٽريليا جي ڪپتان ٽم پائين لاڳيتو پنجون ڀيرو ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا انتهائي ناقص بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 34.4 اوورن ۾ پوري ٽيم فقط 205 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي. ٽريوس هيڊ 56، ايليڪس ڪيري 44 ۽ آرون فنچ 22 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. ڊارسي شارٽ 47 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان پائين پنجين مئچ ۾ به ناڪام رهيو فقط هڪ رنس ٺاهي سگهيو. 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. معي علي 4 ۽ سام ڪرن 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. پلنڪيٽ ۽ عادل رشيد 1-1 شڪار ڪيو. جواب ۾ انگلينڊ گهربل هدف سخت مقابلي بعد جوس بٽلر جي شاندار ناقابل شڪست سينچري بدولت 9 وڪيٽن جي نقصان تي 9 بال پهرين حاصل ڪري ورتو. جوس بٽلر 122 بالن ۾ هڪ ڇڪي ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 110 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. عادل رشيد ۽ ايليڪس هيلز 20-20، معين علي 16 ۽ بيرسٽو 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. اسٽنليڪ ۽ ڪين رچرڊسن 3-3 ۽ اسٽونس 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ايشٽن اگر 1 شڪار ڪيو. جوس بٽلر کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
 
 
 
فٽبال جي سپر اسٽار ليونل ميسي 31 بهارون ڏسي ورتيون
ارجنٽائن(اسپورٽس نيوز)اسٽار فٽبالر ليونل ميسي زندگي جون 31 بهارون ڏسي ورتيون، سپر اسٽار ليونل ميسي 24 جون 1987ع تي ارجنٽائن جي شهر روسايئو ۾ پيدا ٿيو، ليونل ميسي اسپينش ڪلب بارسلونا ۽ ارجنٽائن جي ٽيمن جو فاروڊ رانديگر آهي ڪلب جي نمائندگي ڪندي ميسي جو هر ميچ يادگار رهيو، افسوس سان ميسي ڪڏهن پنهنجي ملڪ ارجٽائن جي لاءِ يادگار راند نه کيڏي، ميسي فيفا ورلڊ ڪپ ۾  چوٿين ڀيري اجنٽائين جي نمائندگي ڪري رهيو آهي فيفا 2018 ۾به ميسي جي ڪارڪردگي متاثر ڪن نه آهي ۽ ميسي سخت تنقيد جو شڪار آهي ميسي  ماسڪو ۾  پنهنجي 31 سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، ميسي جي لکين مداحن کيس سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي هيرو  کي نيڪ تمنائون ۽ دعائون ڏنيون
 
بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا وچ ۾ گلابي بال تي ڊي اينڊ نائيٽ مئچ شروع ٿي وئي. ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي ورتيون. مئچ برسات سبب سخت متاثر فقط 46.3 اوورن جي راند ٿي سگهي. ڪريگ بريٿويٽ ۽ ڊيون اسمٿ 2-2، ڪيرن پاويل 4 ۽ شائي هوپ 11 ۽ روسٽن چيز 14 رنسون ٺاهي پويلين روانا ٿي ويا. شين ڊائورچ 60 ۽ ڪپتان جيسن هولڊر 33 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. سرنگا لڪمل ۽ راجيٿا 2-2 ۽ لهيرو ڪمارا 1 رانديگر کي پويلين موڪليو. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. هڪ مئچ ڊرا ٿي چڪي آهي.
 
فيفا ورلڊ ڪپ: جرمني ۽ انگلينڊ جي فتح، جاپان ۽ سينيگال جي مئچ برابر
ماسڪو(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۽ گذريل رات گروپ ايف جي مقابلي ۾ جرمني سويڊن کي 1-2 تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ اميد برقرار رکي ڇڏي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو راند جي آخري لمحن ۾ ٽوني ڪروز گولڪري جرمني کي برتري ڏياري. سويڊن جي ٽو يونين 32 هين منٽ ۾ گول ڪري برابري حاصل ڪري ورتي. بعد ۾ ٽوني ڪروزڪي جو ڪيل گول فيصلا ڪن ثابت ٿيو. واضح رهي ته جرمني فيفا ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن آهي جنهن تي وڌيڪ دٻاءُ آهي. ڪالهه کيڏيل گروپ جي مئچ ۾ انگلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد پاناما کي 1-6 تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ناڪ آئوٽ مرهلي ۾ پهچي وئي. ڪپتان هيرڪين جي شاندار هيٽ ٽرڪ سبب ورلڊ ڪپ جي يارهين ڏينهن انگلينڊ پاناما جي دفاع لي ڪچلي ڇڏيو. اٺين منٽ ۾ اسٽونس اسڪورنگ جي شروعت ڪئي پوءِ 22 هين منٽ ۾ ڪين، 36 هين منٽ ۾ لنگ گارڊ، 40 هين منٽ ۾ اسٽونس ۽ هاف جي آخري لمحن ۾ ڪبن گول ڪري انگلينڊ جي برتي 0-5 جي ڪري ورتي. ٻئي هاف ۾ پاناما جو دفاع بهتر رهيو جنهن ۾ انگلش ٽيم فقط هڪ گول ڪري سگهي جيڪو ڪين ڪيو هيران جو هيٽ ٽرڪ گول هو. پاناما جي ٽيم راند ختم ٿيڻ کان پهرين گول ڪري خسارو گهٽ ڪيو. هي فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي سڀني کان وڌيڪ مارجن کان فتح آهي. گروپ ايڇ جي هڪ مئچ ۾ جاپان ۽ سينگال وچ ۾ مئچ 2-2 تان برابر رهي. ٻئي ٽيمون اڃا ناڪ آئوٽ مرحلي جي ڊوڙ ۾ شامل . هن گروپ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. سينيگال جي فٽبالر پهرين هاف ۾ گول ڪري جاپان تي برتري حاصل ڪئي. جاپان جي فٽبالر شاندار راند جو مظاهرو ڪندي لاڳيتا 2 گول ڪري سينيگال مٿان سخت دٻاءُ وجهي ڇڏيو. آخري لمحي ۾ سينيگال جي فٽبالر ٻيو گول ڪري مئچ برابر ڪري ڇڏي. ٻئي ٽيمون ٽيبل تي 4-4 پوئنٽن سان پهرين ۽ ٻئي نمبر تي موجود آهن.

Aaj jo Khas Khas Khabron
سپريم ڪورٽ ۾گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جون دانهون، عورتن جا جذباتي منظر، ڊائس تي ٺونشن جا ڌڪ، پوليس آفيسر کي چماٽ
شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف، ڊيلي ميل تفصيل شايع ڪري ڇڏيا
محمد بخش مهر پ پ ڇڏي ته آئون هٿ کڻي ويندس، ٻي صورت ۾ شڪست لاءِ تيار رهي: علي گوهر مهر
جوس بٽلر جي شاندار سينچري، انگلينڊ آخري ون ڊي ۾ دلچسپ مقابلي بعد آسٽريليا کي هڪ وڪيٽن تان شڪست ڏئي 0-5 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو
نالو تبديل ڪرڻ تي آنند سان ڪافي بحث ٿيو: سونم  ڪپور آهوجا
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com