Copyright  2010 Hilal-e-Pakistan. All Rights Reserved
Daily Hilal-e-Pakistan Karachi Sindh
Powered By: PMedia
Aaj jo Khas Khas Khabron
Tracker
Web Counter
Vistor #
وفاقي ڪابينا مختلف کاتن جو رڪارڊ ڏيڻ وارو خط رد ڪري ڇڏيو، طريقيڪار جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم
اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نائجيريا سان فوجي ڪمانڊوز جي تربيت جو معاهدوبه منظور ڪيو ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن جي جاري ٿيل پڌرائي موجب توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نائجيريا سان فوجي ڪمانڊوز جي تربيت جو معاهدو به منظور ڪيو ويو. پڌرائي موجب انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي تحليل بابت اڳوڻي فيصلي کي برقرار رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڪيلن ۽ بار ڪائونسل جي قانون ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو، جڏهن ته شاهد مسعود کي ان ليڊ روينيو جي ايپلٽ ٽربيونل جو چيئرمين ۽ ڪامران بشارت کي دانشوري حقن جي ٽربيونل جو پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب ڄمون ڪشمير جي ايراضي حقن جي قاعدن ۾ ترميم منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي اسپيشل ڪورٽ جي جج اعظم انور جي جاءِ تي سيشن جج غلام مصطفيٰ جي مقرري کي منظور ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ نيپال ۽ تاجڪستان سان آڊيٽرز جنرل جي سهڪار جو معاهدو، چين ۽ بيلاروس سان واپاري ڄاڻ بابت ڏي وٺ جا ايم او يوز منظور ڪيا ويا آهن. ڪابينا اجلاس ۾ نيب جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ڪابينا اجلاس ۾ نيب جي خط کي رد ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته ضروري ناهي ته نيب جي چيل هر ڳالهه درست هجي، هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا جي 10 فيصلن مان 5 غلط هوندا آهن ته ان کي درست ڪرڻ به انتظاميا جو ڪم آهي پر نيب جي نوٽيسن سان سيڪريٽرين ۽ حڪومتي مشينري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. انتظاميا کي خوفزدا ڪيو هوندوته فيصلا ڪير ڪندو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪي ترقي جي پاليسين کي نقصان ٿي رهيو آهي، وفاقي ڪابينا نيب طرف مختلف کاتن کان اعليٰ عهديدارن کان رڪارڊ ڏيڻ جو خط رد ڪندي اعتراض واريو ته نيب جڏهن چاهي ڪجهه گهري وٺي اهو طريقو غلط آهي. ڪابينا نيب کي رڪارڊ جي فراهمي جو طريقو واضح ڪرڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن جوسربراهه بيريسٽر طفر الله هوندو.
قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس غيرقانوني هو، وفاق ترقياتي رٿائن ۾ سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي: وڏو وزير
ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ عارضي بجيٽ پيش ڪندي، هاڻوڪي سنڌ اسيمبلي نئين ترقياتي اسڪيمن جو اعلان نه ڪندي، بجيٽ ۾ رڳو هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ رقم مختص ڪئي ويندي، ملازمن لاءِ پگهارن جي مد ۾ مڪمل رقم رکي ويندي پر منظوري ٽن مهينن جي ڏني ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه ڪالهه خاص مهمان طور سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي اهتمام هيٺ چائنا-پاڪستان اسڪلڊ اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اقتصادي ڪونسل جو مقصد وفاقي حڪومت کي مشورا ڏيڻ آهي، اڱارو ڏينهن ٿيل قومي اقتصادي ڪونسل واري اجلاس ۾ وفاقي حڪومت مختلف رٿائن لاءِ رقم مختص ڪرڻ ۾ ناانصافي ڪئي هئي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ صوبي لاءِ 4.1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت آبپاشيءَ لاءِ 127.5 ارب رپيا رکيا ويا جنهن مان سنڌ لاءِ رڳو 300 ملين رپيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڇ اِي سي ۾ وڏا ڪم ٿي رهيا آهن ۽ ان لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ لاءِ رڳو 250 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. پاور سيڪٽر ۾ نئين رٿائن لاءِ 6 ارب رپيا مختص ڪيا ويا ۽ سنڌ لاءِ رڳو 125 ملين رپيا رکيا ويا آهن جيڪي صوبي جي ڪنهن ضلعي ۾ وليج اليڪٽرڪ فڪيشن لاءِ آهن. وڏي وزير چيو ته اهڙي ريت انهن سمورن شعبن ۾ سنڌ لاءِ تمام گهٽ فنڊ مختص ڪيا آهن جيڪا ناانصافي آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 156 تحت اين اِي سي ميمبرن جو انگ 13 آهي جڏهن ته اجلاس ۾ 9 ميمبر موجود هئا ۽ اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي ڏسندي 9 ميمرن مان 5 ميمبر واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير چيو ته اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اسانجو موقف هو ته نيون رٿائون ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيون وڃن، جنهن تي اجلاس کي چيو ويو ته ان بابت اين اِي سي مان منظوريءَ جي ضرورت نه آهي جنهن تي اسان ٽنهي وڏن وزير چيو ته جڏهن منظوريءَ جي ضرورت نه آهي ته اسانکي ڇو ويهاريو ويو آهي انڪري اسان اجلاس کان واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آئين جي روح سان اين اِي سي جي اجلاس لاءِ 50 سيڪڙي جو ڪورم هئڻ لازمي آهي اهڙيءَ ريت اين اي سي اجلاس بنا ڪورم جي ٿيو ۽ اجلاس جي ٿيندڙ سموري ڪارروائي غيرآئيني آهي. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چائنا-پاڪستان اسڪلڊ اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پروگرام جو ٿيڻ چڱي ڳالهه آهي جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ۽ فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ون بيلٽ ون روڊ جي شروعات آهي ۽ جيڪي چين جا ادارا پاڪستان جي ادارن کان اشتراڪ چاهن ٿا انهن لاءِ اها ڪانفرنس اهم ثابت ٿيندي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ فني تعليمي ادارن جي پرنسپلز سميت هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير ان شاندار ۽ هنر دوست ڪانفرنس جي انعقاد تي سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ٻين سهڪاري ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته فني تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، عوام کي ان ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ هنرمند افرادي قوت جي تياريءَ لاءِ اهڙي طرح جون سرگرميون جاري رکيون وينديون. هن ماضيءَ جون ياديون ورجائيندي ٻڌايو ته 1968ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته جڏهن به مان چئني پاسن ڏانهن ڏسندو آهيان ته مونکي رڳو چين نظر ايندو آهي جيڪو پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ضرورت کي ڏسندي سنڌ کي چين جي وڏن تعليمي ادارن سان الحاق جي ضرورت آهي، اسانکي گهرجي ته هڪٻئي جي تجربي، تحقيقي ۽ فني مهارتن کان فائدو ماڻيون. هن چيو ته ٿر سميت ٻين سي پيڪ رٿائن لاءِ جيترن ٽيڪنيڪل ماڻهن جي گهرج آهي اوترا اسان وٽ نه آهن ۽ مون کي اميد آهي ته اها ڪانفرنس ان حوالي سان تمام گهڻي مددگار ثابت ٿيندي. وڏي وزير انتهائي هنرمند ۽ سکيا ورتل هڪ ملين انگريزي ڳالهائيندڙ نوجوانن لاءِ ملازمتن جو به اشارو ڏنو. انهيءَ کان اڳ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پاران ڪانفرنس جي انعقاد جي مقصدن، ڪارڪردگي ۽ سکيا جي مرڪزن جي معياري تي روشني وڌي وئي.5
<<تفصيل
اهم خبرون
زلزلي  متاثرن لاءِ مليل امداد ڪيڏانهن وئي، اسحاق  ڊار عدالت ۾ اچي ٻڌائي ته پئسا ڪٿي خرچ ٿيا:  چيف جسٽس
 اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار زلزلي متاثرن جي فنڊ ۾ ڪرپشن ڪرڻواري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ بالا ڪوٽ روانو سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ زلزلي متاثرن جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪرڻ اوري معاملي تي پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناڻي کاتي جو سيڪريٽري، زلزلي بعد بحالي جو ڪم ڪندڙ تنظيم”ايرا“ جو نمائيندو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا . پاڻ مرادي نوٽيس تي ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ناڻي واري سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته ڇا سڄي امداد سرڪاري خزاني ۾ وڌي وئي هئي؟ بالاڪوٽ شهر جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي ناڻي کاتي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ فنڊ جاري ڪندا آهيون. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اربين رپين جي امداد پاڪستان جي امير ترين ماڻهن ڏني، غيرملڪي امداد کي ملائي ڪري ڪيترا پيسا جمع ٿيا؟ جيڪي ٽينٽ ۽ ڪمبل آيا انهن جو حساب الائي ڪنهن کان ورتو ويندو.ناڻي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي ملڪن مان 2.89 ارب ڊالر امداد مليو، ملڪ مان ملندڙ امداد جو حساب موجود ناهي، ٿي سگهي ٿو ”ايرا“ وٽ معلومات هجي. جنهن تي ”ايرا“ جي نمائيندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته حڪومت هڪ ارب 90 ڪروڙ ۽ ڊونرن 100 ارب رپيا ڏنا، 10 هزار 563 منصوبا تعمير هيٺ آهن.منصوبن لاءِ 37 ارب رپين جي رقم گهربل آهي.ايرا جي نمائيندي عدالت کي ٻڌايو ته سال 2006 کان هن وقت تائين انتظامي معاملن تي 5 ارب 36 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پنج ارب رپيا معمولي رقم آهي؟ هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايرا ۾ چاچا ماما ڀرتي ڪيا ويا آهن.چيف جسٽس ايرا جي نمائيندي کان سوال ڪيو ته بالا ڪوٽ جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي ايرا جي نمائيندي ٻڌايو ته بالاڪوٽ ۾ زمين تي قبضو نه پيو ملي، قبضو ملي وڃي ته ٻن سالن ۾ منصوبو مڪمل ٿي ويندو. چيف جسٽس ايرا جي نمائيندي کان سوال ڪيو ته ڇا غريب ماڻهون 2 سالن تائين کليل آسمان هيٺان رهندا ڇا توهان پاڻ انهن شيلٽرن ۾ رهي سگهون ٿا؟ جنهن تي ايرا جي نمائيندي چيو ته 30 هزار فٽ بلندين تي ٽينٽ ۾ رهيو آهيان، ان تي چيف جسٽس چيو ته توهان جي لاءِ ٻه بنگلا ٺهيل هوندا. جسٽس ثاقب نثار چيو ته گهرايو فنڊ ڏيندڙ مفتاح اسماعيل کي، ان ناڻي واري وزير کي گهرايون جيڪو پاڪستان ۾ ناهن رهيا، اڳوڻو ناڻي وارو وزير عدالت ۾ اچي ٻڌائي ته پيسا ڪٿي ڪئين خرچ ڪيا ويا. چيف جسٽس ايرا جي نمائيندي کان پڇاڻو ڪيو ته مانسهره پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته مانسهره پهچڻ ۾ 4 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو آهي، چيف جسٽس پڇيو  ته هيلي ڪاپٽر جو بندوبست ڪري سگهو ٿا؟ ايرا جي نمائيندي جواب ڏنو ته حڪومت کي چونداسين ته هيلي ڪاپٽر ملي ويندو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هاڻي بالاڪوٽ هلي رهيا آهيون، پنهنجي خرچ ته هلنداسين، جنهن جنهن کي هلڻو آهي قافلي سان گڏ اچي اسان.اسان ڍاٻي وغيره جو کاڌو کائي واينداسين.جنهن بعد چيف جسٽس ميان ثاقب نثار روڊ رستي بالاڪوٽ  جو دورو ڪيو. جتي هو زلزلي جي متاثرن جي لاءِ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته بنيادي حقن جي پاسداري اسان جي ذميواري آهي، ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندس. چيف جسٽس مانسهرا ۾ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي هن عزم پٺيان جسٽس اعجاز افضل آهي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته هي منهنجي علائقي جو مسئلو آهي، ان لاءِ مان هي پاڻ ڪيس ٻڌي نٿو سگهان. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجاز افضل زلزلي متاثرن جا مسئلا ٻڌايا ته ماڻ پاڻ هلي آيس ته مانسهرا ۾ ڪابه اسپتال ۽ اسڪول فعال ناهي، بحالي ۽ تعمير ۾ دير سان عوام علاج ۽ تعليم جي سهولت کان محروم آهي. چيف جسٽس چيو ته نيڪ جذبي تحت هتي هلندڙ منصوبن جو دورو ڪري رهيو آهيان، بنيادي حقن جي پاسداري اسان جي ذميواري آهي، ان تي ڪو سمجهوتو نه ڪندس.چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، جيڪو زلزلي متاثر علائقن جي بحالي، تعمير ۾ دير ۽ مبينا ڪرپشن جي جاچ ڪندو.
<<تفصيل
<<تفصيل
آءِ پي ايل-11: چنائي سپر ڪنگز دلچسپ مقابلي بعد رائل چيلنجرز بينگلور کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
بينگلور (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل-11 جي 24هين ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز انتهائي دلچسپ مقابلي بعد رائل چيلنجرز بينگلور کي سندن هوم گرائونڊ تي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بينگلور ۾ کيڏيل ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتانمهندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. رائل چيلنجرز بينگلور پهرين بيٽنگ ڪندي ڊولئيرز ۽ ڊي ڪاڪ جي شاندار پارٽنرشپ جي بدولت 8 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسن جو پهاڙ ٺاهي ڇڏيو. اي بي ڊولئيرز 30 بالن ۾ 8 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 68 ۽ ڊي ڪاڪ 53 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. ٻنهي پروٽيز ٻئي وڪيٽ جي شراڪت ۾ 103 رنسن جي شاندار اسٽينڊ فراهم ڪيو. منديپ سنگهه 17 بالن ۾ 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 32 رنسون ٺاهيون. واشنگٽن سنڌر به 4 بالن ۾ 13 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي. ايس اين ٺاڪر، عمران طاهر ۽ ڊوائين براوو 2-2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. جواب ۾ چنائي سپر ڪنگز گهربل هدف مقرر اوورن کان 2 بال پهرين 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪپتان ڌوني ۽ رائڊو شاندار پارٽنرشپ ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. امباتي رائڊو 53 بالن ۾ 8 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 82 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان ڌوني 34 بالن ۾ 7 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 70 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو. ڊوائين براوو به 7 بالن ۾ هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 14 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. يزويندرا چهل 2 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. پون نيگي ۽ اميش ياديو به هڪ هڪ شڪار ڪيو. 
راندين جون خبرون
<<تفصيل
<<تفصيل
شوبز جون خبرون
دپيڪا پڊوڪون برطانوي اخبار جي پهرين ورق جي زينت بڻجي وئي
 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون هڪ برطانوي اخبار جي پهرين ورق جي زينت بڻجي وئي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب دپيڪا پڊوڪون برطانوي اخبار جي پهرين ورق لاءَ فوٽو شوٽ ڪرايو. سندس تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي. دپيڪا کي تازو ئي آمريڪي رسالي جي 100 با اثر شخصيتن  جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
/  ADVERTISMENT
CONTACT US
/ ePAPER 
Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu








Special Ediction
Aaj jo Khas Khas Khabron
قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس غيرقانوني هو، وفاق ترقياتي رٿائن ۾ سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي: وڏو وزير
وفاقي ڪابينا مختلف کاتن جو رڪارڊ ڏيڻ وارو خط رد ڪري ڇڏيو، طريقيڪار جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم
زلزلي  متاثرن لاءِ مليل امداد ڪيڏانهن وئي، اسحاق  ڊار عدالت ۾ اچي ٻڌائي ته پئسا ڪٿي خرچ ٿيا:  چيف جسٽس
آءِ پي ايل-11: چنائي سپر ڪنگز دلچسپ مقابلي بعد رائل چيلنجرز بينگلور کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
دپيڪا پڊوڪون برطانوي اخبار جي پهرين ورق جي زينت بڻجي وئي
hilal-pk@cyber.net.pk
dailyhilalpk@gmail.com